سنڌي شعر جي ڪسوٽي

سنڌي شعر جي ڪسوٽي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ٽن ادبي مضمونن جو مجموعو آهي، جن مان پهريون مضمون روهڙيءَ جي نامياري صوفي شاعر فقير عبدالقادر بيدل جو ۽ ٻيو مضمون نرمل جيوتاڻيءَ جي شخصيت ۽ شاعراڻي خوبين توڙي خامين تي پروفيسر لوڪو مل درياهي سنگهه ڪيسواڻيءَ جو لکيل آهي. جڏهن ته ٽيون مضمون پروفيسر ڪيسواڻيءَ جي ڌيءَ ڪماري ڪملا لوڪو مل ڪيسواڻيءَ جو ليکراج ڪشنچند عزيز جي شعر جي تشريح ۽ تنقيد تي لکيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ پروفيسر ڪي. اين. واسواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب تي تبصرو ڏنل آهي. هن ڪتاب تي شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ تنقيد ڪئي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ ’ڪيسواڻيءَ جي ڪسوٽيءَ‘ جي نالي سان سال 1947ع ۾ ڇپي.
ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1946ع ۾ آفتاب پرنٽنگ پريس، تلاءُ نمبر 03، حيدرآباد سنڌ مان غلام محمد شهواڻيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۾ 156 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو